زرعي سائنس

زرعي سائنس

زرعي سائنس

زرعي سائنس (ڪتاب): هي ڪتاب زرعي ماهر خان جروار'>محمد خان جروار لکيو آهي، جيڪو سنڌي لئنگئيج اٿارٽي 2011ع ۾ ڇپايو آهي. هي ڪتاب زراعت جي علم (Agriculture Science) بابت آهي ۽ ان جو مواد ۽ طريقيڪار درسي ڪتاب جهڙو آهي. هي ڪتاب يونيورسٽي سطح تي زراعت جي مضمونن جي گهرج کي سامهون رکي لکيو ويو آهي. هن ڪتاب جي فهرست ۾ آبهوا، زمين، ٻوٽن جي غذا يا خوراڪ، پاڻي، جيت، ڪلر، ٻوٽن جن بيمارين، گندگاهه، سنڌ جا مکيه فصل، ربيع جون ڀاڄيون، داليون، تيلي ٻج، طبي ٻوٽا، گدرو، ڇانهين ۽ چڀڙ، باغات ۽ ميوا، تور ۽ ماپ وغيره شامل آهن. ڊيمي سائيز جي 361 صفحن تي مشتمل هن ڪتاب جي قيمت 300 روپيا آهي.


لفظ زرعي سائنسھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو